صمد ساز رضوي

صمد ساز رضوي: عبدالصمد ولد سيد عبدالحڪيم رضوي نامور وڪيل ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن 8 آگسٽ 1912ع تي حيدرآباد دکن، هندستان ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم اباڻي شهر درنگل مان وٺڻ بعد مئٽرڪ 1930ع ۾، گريجوئيشن 1935ع ۾ ڪيائين. ان کانسواءِ 1937ع ۾ ايل. ايل. بي جامع عثمانيه حيدرآباد دکن مان ڪيائين. ايل. ايل. بي ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪيائين ۽ سياست ۾ به سرگرم رهيو. 1939ع ڌاري مزدور تحريڪ سان لاڳاپجي ويو ۽ ڪارخاني وارن سان مهاڏو اٽڪائيندي مزدورن جي حقن لاءِ هلندڙ تحريڪ ۾ زور شور سان حصو وٺڻ لڳو. هي ’اتحاد المسلمين‘ جو صدر به رهيو. برصغير جي ورهاڱي بعد 1948ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ اچي رهيو. 1940ع ڌاري اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿي رهيو. هن لاڙڪاڻي ۾ رهڻ دوران ادبي سرگرمين تي زور ڏنو ۽ سنڌي اردو اديبن جي گڏيل ادبي تنظيم ’بزم ادب‘ جو بنياد وڌائين، ان جو کيس صدر چونڊيو ويو. ان تنظيم جي پليٽفارم تان ڪيترا پروگرام ۽ مشاعرا منعقد ڪرايا. هن ان عرصي دوران ڪيترائي ڊراما لکيا. سيد صمد ’ساز‘ لکڻ جي شروعات شاعري سان ڪئي. سندس پهريون شعري مجموعو ’سحر نغمه‘ 1967ع ڌاري ڇپيو. هن لڳاتار 18 سال ’بزم ادب‘ جي سرپرستي ڪئي. سندس سرپرستي ۾ ان ادبي جماعت ڪيترا ڪتاب پڻ شايع ڪرايا، جن مان ’نوائي تلخ‘ (1962ع) اهم هو. صمد رضوي پنهنجي وقت جي مشهور شخصيت ۽ ادبي ذوق جي لحاظ کان اڳينءَ صف ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس نظم ۾ رومانوي اظهار گھڻو ملي ٿو. نظم سان گڏ غزل جي صنف ۾ طبع آزمائي ڪيائين. سندس شاعري جا موضوع داخلي جذبن جي اظهار ۽ احساسن تي آڌاريل آهن. صمد ساز 23 مارچ 1970ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.08.08  عيسوي

عبدالصمد ولد سيد عبدالحڪيم رضوي نامور وڪيل ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن 8 آگسٽ 1912ع تي حيدرآباد دکن، هندستان ۾ جنم ورتو.


1970.03.23  عيسوي

صمد ساز 23 مارچ 1970ع تي لاڙڪاڻي ۾ وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اميد علي ڪلهوڙو
سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي
حافظ شيرازي
رضوي محمد زمان شاهه
سيد باغن شاهه:
شاهو خان زنگيجو
مجازي جروار
’دردي صاحب خان جروار
ڀڳت جُمڙو مل
پير اشرف شاھ ڪاماري وارو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون